ڪھاڻي- بي ڏوھ باغي
ليکڪ- عاقب ايوب
فڪشن اسٽوري
منھنجي گھر کي قومپرستن جو قلعو چيو ويندو آھي، اسان سڀ ڀائرن جي سڃاڻ ڪامريڊ، ديشي يا انقلابي سان ٿيندي آھي
حالانڪه اسان اٺ ڀائر آھيون، بابا کان علاوه ھرڪو قومپرست ۽ ھڪ عھديدار ڪارڪن رھي چڪو آھي سنڌ ،جي مختلف آزادي جي تحريڪ وارين پارٽين جو
مان ۽ منھنجا ٻہ ڀائر مارڪسزم جا قائل آھيون پر رڳن ۾ تہ قومپرستي جو رت گردش ڪري رھيو آھي ان لاء ھميشہ سنڌ کي اول رکندا آھيون ،جرمن فلاسافر مارڪس جي ڪميونزم جي نظريي کي اسان جي معاشري ۾ ڪفر ۽ ان جي پوھيوارن کي ملحد يعني خدا جو انڪاري سمجھيو ويندو آھي انڪري صرف پڙھيل لکيل ۽ ويجھن ئي دوستن کي ان باري ۾ اسان جي خبر آھي ،مان آھيان عاطف، ھن وقت مان بلوچستان ۾ آھيان، منھنجي زندگي ڪنھن ھڪ پل ۾ اھڙو جھٽڪو کاڌو جو مان سڀ کان پري اڪيلو پنھنجي وطن لاءِ جنگ ڪري رھيو آھيان ، مان فدائي آھيان ، ۽ منھنجو اھو حال ڪرڻ واري منھنجي محبت ئي آھي جنھن منھنجي ھسمڪ جيون کي تباھ ڪري مونکي سڀ جي محبتن کان باغي ڪري مون ۾ صرف سنڌ امڙ جي لاءِ ھڪ اھڙي محبت پيدا ڪئي آھي جنھن جي ڪري آءٌ ڪنھن ساڻ بہ وڙھي ٿو سگھان.
0 件のコメント
この投稿にコメントしよう!
この投稿にはまだコメントがありません。
ぜひあなたの声を聞かせてください。